زيب مگسي

زيب مگسي

زيب مگسي

زيب مگسي: نامور عالم، شاعر زيب مگسيءَ جو اصل نالو نواب گل محمد ولد نواب قيصر خان مگسيءَ هو. سندس جنم 7 جولاءِ 1884ع تي جھل مگسيءَ بلوچستان ۾ ٿيو. زيب پڙهڻ ۾ تمام گھڻو هوشيار هو، جنهن ڪري جلد ئي ديني ۽ دينوي تعليم حاصل ڪري ورتائين. هن ظاهري علم سان گڏ باطني علم ۽ سلوڪ جون منزلون مشهور بزرگ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي درس گاهه مان طئي ڪيون. هي نه صرف عربي ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو هو، پر ان سان گڏ سنڌي، اردو، سرائيڪي، هندي، گرمکي، براهوي ۽ انگريزيءَ تي به عبور رکندو هو. جڏهن ته بلوچي سندس مادري زبان هئي. زيب بنيادي طور نواب ۽ سردار هو، پر سندس طبيعت جو لاڙو درويشي ۽ فقيريءَ ڏانهن هو. هو نوابي ۽ تمنداريءَ جي معاملن ۾ ڪا دلچسپي نه رکندو هو، انڪري کيس سرداريءَ تان معزول ڪيو ويو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ نواب يونس علي عزيز مگسيءَ کي پڳ ٻڌائي وئي، جيڪو پڻ سٺو شاعر هو.
زيب مگسي 1933ع ڌاري جھل مگسيءَ کي ڇڏي شهداد ڪوٽ آيو ۽ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ويهه سال شهدادڪوٽ ۾ گذاريائين. هن کي ڪتابن سان تمام گھڻو لڳاءُ هو. وٽس بهترين ڪتب خانو هو، جنهن ۾ هزارين ڪتاب موجود هئا، جن ۾ گھڻائي فارسي ادب ۽ شاعريءَ جي ڪتابن جي هئي. کيس احساس ٿيو ته هتي فارسي ادب جا عالم ڄاڻو ۽ قدردان گھٽ آهن ۽ هي ڪتابن جو لاتعداد ذخيرو ضايع ٿي ويندو، انڪري هن سابق شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلويءَ سان رابطو ڪيو ته جيئن اهي ڪتاب سندس وفات کانپوءِ حڪومت ايران کي ڏنا وڃن. هن ان سلسلي ۾ پنهنجي پونيرن کي به اهڙي قسم جي وصيعت ڪئي هئي. سندس وفات کانپوءِ سندس سمورو فارسي ادب، ان وقت پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير جي حوالي ڪيو ويو، جنهن اهي ڪتاب ايراني حڪومت جي حوالي ڪيا. جڏهن ته سنڌي ڪتاب سندس نياڻيءَ، بيگم مير خورشيد احمد خان مگسيءَ وٽ موجود آهن. زيب کي شاعريءَ سان شـروع کـان ئـي دلـچـسپي هئي. کيس مولانا عبدالغفور همايوني ۽ خواجه غلام فريد سان تمام گھڻي محبت هئي، تنهنڪري انهن جو اثر به قبول ڪيائين. هو بنيادي طور فارسيءَ جو شاعر هو، پر هن فارسي سان گڏ سنڌي، اردو، عربي، هندي ۽ بلوچيءَ ۾ به شاعري ڪئي. سندس فارسي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’پنج گلدسته زيب‘ ۽ ’مخمسات زيب‘ نهايت ئي اهميت لائق آهن ۽ اهي ڪتاب ايران ۾ درسي ڪتابن طور پڙهايا وڃن ٿا. ساڳيا ڪتاب افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا جي مسلم ملڪن ۾ به درسي ڪتابن طور پڙهايا وڃن ٿا. فارسيءَ کانسواءِ اردوءَ ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’زيب نامه‘ ڇپجي چڪو آهي. جيڪو رديف وار ديوان آهي سندس سنڌي شاعريءَ جو ڪتاب ’تحفه سنڌ‘ اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس ڪتبخاني ۾ موجود آهن. زيب نه صرف فارسيءَ ۾ غزل لکيا، پر هن ٻين فارسي شاعرن جي شعرن تي تضمينون به لکيون آهن. تضمينن جو شاهڪار، ڪتاب ’خزينة الاشعار‘ آهي. نواب گل محمد خان ’زيب‘ مگسي نه صرف سٺو شاعر ۽ اديب هو، پر سندس ڪردار به بيداغ هو. هو روزي ۽ نماز جو پابند هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ مختلف ماڻهن جا جيڪي فيصلا ڪيا، سي قرآن ۽ حديث موجب ڪيا، هن فقير صفت انسان، 8 جنوري 1953ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.07.07  عيسوي

نامور عالم، شاعر زيب مگسيءَ جو اصل نالو نواب گل محمد ولد نواب قيصر خان مگسيءَ هو. سندس جنم 7 جولاءِ 1884ع تي جھل مگسيءَ بلوچستان ۾ ٿيو.


1953.01.08  عيسوي

زيب مگسي 8 جنوري 1953ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو محمد حسن
اسلم علوي اسلم
عبدالفتاح عبد بٺورائي
ميون تماچي اوريئڙي وارو
پير اشرف شاھ ڪاماري وارو
سرواڻ سنڌي
ريحان اعظمي
ابو شوڪت حمزو
ڪيف رضواني
ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون